راڌا 1

راڌا 1

راڌا 1

راڌا1: هندو ڌرم جي عقيدي ۽ مقدس ڪتابن موجب راڌا، هندن جي ڀڳوان شري ڪرشن جي ننڍپڻ جي پريمڪا ۽ صلاحڪار جي ڪردار طور سڃاتي وڃي ٿي. راڌا کي ٻين ڪيترن نالن جهڙوڪ: راڌيڪا، راڌا راڻي، گنڌاوري، گوندا نندني، گوندا موهني، گوندا سرواسوا، ڪرشنا مائي، آراڌنا، سروا لڪشمي، گوڪل تارني، راڌا ڪرشنا، ورج راڻي، سوامي نجي، ڪاريڪا، راميڪا، ڪرشنا پريا، هري داس دلاري ۽ ٻين ڪيترن نالن سان ياد ڪيو وڃي ٿو. شري ڪرشن جي پريمڪا هئڻ سبب، راڌا جي مورتي به ڪرشن جي مندرن ۾ ڏسڻ ۾ موجود هوندي آهي، جنهن کي ’راڌي ڪرشنا‘ ۽ ’راڌي شيام‘ جو گڏيل نالو ڏئي پوڄيو ويندو آهي.
راڌا جي جنم بابت ڄاڻايو ويو آهي ته راڌا، ورشنڀنو گُرجر (Vrishbhanu Gurjar) جي ڌيءُ هئي، جيڪو اڳئين جنم ۾ راجا سُچندرا ٿي گذريو هو. راجا سچندرا ۽ سندس زال ڪلاوتيءَ، دئاپر يُگ (Dawapura Yuga) ۾ برهما جي تمام گهڻي پرارٿنا ڪئي هئي، جنهن خوش ٿي کين چيو هو ته مٿين ايندڙ جنم ۾ شري لڪشميءَ جو اوتار اوهان جي گهر راڌا جي نالي سان پيدا ٿيندو.
هڪ ٻيءَ روايت موجب ديو رُشي نارد، راڌا جي جنم کان اڳ ورشنڀنو سان ملڻ ويو هو، جتي کيس هدايت ڪيائين ته هن دنيا ۾ وشنو جي اوتار وٺڻ کان پوءِ سندس ڪيترا ٻيا مددگار ديوتا به جنم وٺندا، انهن مان تنهنجي گهر هڪ تمام خوبصورت الهامي شڪتي/ ديويءَ جو جنم ٿيڻ وارو آهي، جنهن جي پالنا ۽ پرورش جو حق صرف توکي عطا ڪيو وڃي ٿو. ديو رشي نارد جي هدايت بعد راڌا جو جنم ورشنڀنوءَ جي گهر ٿيو ۽ کيس گهڻي لاڏ ۽ پيار سان پالي وڏو ڪيو ويو.
گوالن جو راجا ورشنڀنو ۽ گوڪل جو راجا نند پاڻ ۾ گهَرا دوست هئا. سندن هڪٻئي وٽ اچڻ وڃڻ جو رستو هو، جنهنڪري شري ڪرشن ۽ راڌا جي هڪٻئي سان ننڍپڻ کان وٺي دوستي ٿي وئي هئي. واسو ديوا جو پٽ شري ڪرشن ان وقت نند ۽ يسوڌا جي گهر فرزند جي حيثيت سان پلجي رهيو هو. ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ واري عرصي تائين سندس ڪيتريون ئي ليلائون مشهور آهن. جيئن ته هو ڀڳوان جو اوتار هو ۽ راڌا هڪ الهامي شڪتي هئي، جنهنڪري سندن پاڪ روحاني محبت ۽ تعلق ازل کان وٺي هڪٻئي سان ڳنڍيل ڄاڻايو وڃي ٿو.
هندن جي ڌرمي ڪتابن موجب شري ڪرشن کي 16000 گوپيون هيون، جن مان 108 گوپين کي نمايان ۽ اهم حيثيت ڏني وئي آهي، جن ۾ راڌا کي مکيه ۽ اهم ڪردار واري حيثيت حاصل آهي. پراڪيا راس موجب راڌا ۽ ڪرشن جو هڪٻئي سان حقيقي ۽ عشق الاهيءَ وارو ناتو هو، جنهنڪري اهي هڪٻئي کان پري هئڻ باوجود پنهنجن خيالن ۽ تصورن ذريعي هڪٻئي سان ملي سگهندا هئا.
نمبارڪا سمپردايه (Nimbarka Sampradaya) موجب راڌا ڪرشن کي ’ڪائنات جي حقيقت/ سچ‘ ۽ ’رسم و رواج جو موجد‘ سڏيو ويو آهي. هندن جي مذهبي ڪتابن ۾ اهڙا ڪيترا شلوڪ ۽ منتر موجود آهن، جن ۾ شري ڪرشن ۽ راڌا کي هڪٻئي جي وجود جو ڪارڻ ڄاڻايو ويو آهي. ’آتما تو راڌيڪا تسليا‘ (يعني راڌا، تون هن جو روح آهين) اهو ئي ڪارڻ آهي جو هندو ڌرم جي ڪيترن مندرن ۾ انهيءَ روايت کي برقرار رکڻ لاءِ کين هڪ جاءِ تي مجسم ڪري، هڪ ئي وجود جي حيثيت سان پوڄيو وڃي ٿو. راڌا جا ڪجهه عقيدتمند کيس مهاديويءَ طور ۽ شري ڪرشن کان به وڌيڪ اهميت ۽ حيثيت ڏئي پوڄين ٿا. راڌا جي پوڄا، خاص طور ’برندابن‘ ۾ ڪئي وڃي ٿي، جتي شري ڪرشن سـاڻس گـڏ وقت گذاريو هو. راڌا جي عقيدتمندن جو چوڻ آهي ته راڌا، شري ڪرشن سان هميشه قائم رهڻ واري، بي انتها ۽ بي لوث محبت ڪئي هئي، جنهنڪري هوءَ شري ڪرشن جي دل دماغ تي هميشه ڇانئجي وئي هئي، ان ڪري کيس هلدني شڪتي (Hiladini Shakti) پڻ چيو وڃي ٿو. هندستان، نيپال، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ راڌا ۽ ڪرشن جي نالي سان ڪيترا مشهور مندر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو